اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن جو اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ڇهون دور

اسلام آباد - 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي جي وچ ۾ پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. …

اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي جي وچ ۾ پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڊائيلاگ دوران ٻطرفي تعاون جي مختلف شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ سي پيڪ 2.0، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا، گهڻ رخو تعاون ۽ عوامي رابطا شامل هئا. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ چين جي پائيدار ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي حيثيت رکي ٿي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ چين ويجهن رابطن ۽ مشاورت کي نه رڳو ٻطرفي سطح تي پر گهڻ رخي فورمز تي پڻ جاري رکندا.