ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ سبب 50 ٻڪرين سميت 52 ڍور مري ويا

ٿرپارڪر-15 آگسٽ (اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ برسات ۽ وڄ ڪرڻ سبب 50 ٻڪرين سميت 52 ڍور مري ويا. ٽن مختلف واقعن ۾ 50 ٻڪريون، هڪ اُٺُ ۽ هڪ ڳئون سڙي مري ويون. اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٽ شهمير وڪيو ۾ وڄ ڪرڻ سبب جعفر ۽ سائينداد وڪيو جون 50 ٻڪريون سڙي مري ويون، تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ تڳوسر ۾ غلام واگهيلو جو هڪ اُٺ ۽ اسلام ڪوٽ شهر جي …

ٿرپارڪر-15 آگسٽ (اي پي پي) ٿرپارڪر ۾ برسات ۽ وڄ ڪرڻ سبب 50 ٻڪرين سميت 52 ڍور مري ويا. ٽن مختلف واقعن ۾ 50 ٻڪريون، هڪ اُٺُ ۽ هڪ ڳئون سڙي مري ويون. اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٽ شهمير وڪيو ۾ وڄ ڪرڻ سبب جعفر ۽ سائينداد وڪيو جون 50 ٻڪريون سڙي مري ويون، تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ تڳوسر ۾ غلام واگهيلو جو هڪ اُٺ ۽ اسلام ڪوٽ شهر جي لنجا ڪالوني ۾ محمد لنجو جي هڪ گابي وڄ ڪرڻ سبب مري وئي. ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، مقامي ماڻهن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته هر سال برساتن دوران وڄ ڪرڻ سبب جاني نقصان سميت ڪروڙين روپين جو مالي نقصان ٿئي ٿو، انهن نقصانن کان بچڻ لاءِ ٿرپارڪر ضلعي ۾ ارٿ راڊون لڳايون وڃن ته جيئن ٿرپارڪر جو عوام جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهي.