حيدرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 78هين جشنِ آزاديءَ جي سلسلي ۾ هڪ شاندار ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ملڪ جي قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، آپريشن بنيان المرصوص ۽ سنڌ حڪومت طرفان اعلان ڪيل حق جي وڙهه تحت ڪاميابيءَ جو جشن ملهائڻ ۽ ٻڌيءَ کي هٿي ڏيڻ هو. تقريب ۾ مختلف فئڪلٽين جي شاگردن سنڌ سميت سڀني صوبن جي ثقافتن جي …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 78هين جشنِ آزاديءَ جي سلسلي ۾ ثقافتي پروگرام، آپريشن بنيان المرصوص وطن سان وفا جي علامت قرار
حيدرآباد-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 78هين جشنِ آزاديءَ جي سلسلي ۾ هڪ شاندار ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد ملڪ جي قومي هيروز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، آپريشن بنيان المرصوص ۽ سنڌ حڪومت طرفان اعلان ڪيل حق جي وڙهه تحت ڪاميابيءَ جو جشن ملهائڻ ۽ ٻڌيءَ کي هٿي ڏيڻ هو. تقريب ۾ مختلف فئڪلٽين جي شاگردن سنڌ سميت سڀني صوبن جي ثقافتن جي نمائندگي ڪندي رنگا رنگ پروگرام پيش ڪيا ويا، جن ۾ پاڪستان جي ثقافتي ورثي جون جهلڪ ۽ اتحاد، امن ۽ حب الوطني جو پيغام نمايان هو. ان موقعي تي تقريرون ڪندڙن پنهنجي خطابن ۾ ملڪ جي انهن هيروز کي ڀيٽا پيش ڪئي جن وطن جي حفاظت خاطر پنهنجون جانين جا نذرانا پيش ڪيا. يونيورسٽي ايڊوانسمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر چيو ته آپريشن بنيان المرصوص ملڪ جي تحفظ ۽ وطن سان وفا جي علامت ھو.

ڊاڪٽر تحسين فاطمه مياڻو پنھنجي خطاب ۾ قومي سڃاڻپ جي تعمير ۾ ثقافت جي ڪردار تي روشني وڌي، جڏهن ته اسٽوڊنٽس افيئرز واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبد الواحد خانزئي موجوده نسل ۾ قومي جذبي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. اسپورٽس واري ڊائريڪٽر انوار حسين خانزاده نوجوانن جي صحتمند سرگرمين ۽ قومي ورثي جي تحفظ خاطر ثقافت کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڀريو، تقريب ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو.












