وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ جي سي اي او جي ملاقات

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جهانگير پراچا ملاقات ڪئي. ڀاڻ جي شعبي ۾ مختلف معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاص طور تي آبادگارن کي سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت آبادگارن …

اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جهانگير پراچا ملاقات ڪئي. ڀاڻ جي شعبي ۾ مختلف معاملن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خاص طور تي آبادگارن کي سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهميءَ کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ويو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت آبادگارن جي مفادن جي تحفظ ۽ ايندڙ فصلن جي سيزن کان اڳ ڀاڻ جي وقت سر دستيابي ۽ـ مناسب قيمتن کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وفاقي وزير ايف ايف سي ايل تي زور ڀريو ته هو ڀاڻ کي آبادگارن لاءِ آسانيءَ سان دستياب بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي، خاص ڪري ڏورانهن علائقن ۾ قومي معيار موجب ڀاڻ جي معيار کي برقرار رکي. هن ذخيره اندوزن ۽ بليڪ مارڪيٽنگ جي خاتمي تي زور ڀريو ته جيئن مارڪيٽ ۾ استحڪام قائم رهي ۽ آبادگارن کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي مُنهن نه ڏيڻو پوي. وفاقي وزير چيو ته زرعي شعبو پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ ڀاڻ جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ سڌيءَ ريت فصلن جي پيداوار ۽ غذائي تحفظ کي متاثر ڪري ٿي. هن ان عزم کي ورجايو ته وزارت زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگار دوست قدمن لاءِ نجي شعبي سان ويجهو تعاون جاري رکندي. سپلاءِ چين ۾ بهتري آڻيندي ۽ گهريلو پيداوار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاليسي سڌارن جو جائزو وٺندي. جهانگير پراچا حڪومتي پاليسين سان تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ان عزم کي ورجايو ته ايف ايف سي ايل آبادگارن جي ضرورتن کي وقت سر مناسب قيمت تي پوري ڪندي. ملاقات ان عزم سان پڄاڻيءَ تي پهتي ته زرعي شعبي جي پائيدار ترقي ۽ آبادگارن کي معياري ٻج ۽ ڀاڻ جي فراهميءَ لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن پيداوار ۽ منافعي ۾ واڌ ٿئي.