ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آھي، 5 آگسٽ 2019ع جا ڀارتي قدم عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ھئا: ھارون اختر خان

اسلام آباد - 05 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جو ھڪ طرفو قدم گڏيل قومن جي ٺھرائن ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ھو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آھي ۽ اسان ڪڏھن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نه ڪنداسين. انھن خيالن جو اظھار ھن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي …

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جو ھڪ طرفو قدم گڏيل قومن جي ٺھرائن ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ھو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آھي ۽ اسان ڪڏھن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نه ڪنداسين. انھن خيالن جو اظھار ھن يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي جاري پنھنجي پيغام ۾ ڪيو، اھو ڏھاڙو ھر سال 5 آگسٽ تي ڀارت طرفان آرٽيڪل 370 ۽ A35 کي غيرقانوني طور رد ڪرڻ جي مذمت طور ملھايو ويندو آھي. وزيراعظم جي خاص مددگار زور ڀريندي چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آھي ۽ پاڪستان ڪڏھن به ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي تسليم نه ڪندو. ھن والاريل ڪشمير ۾ فوجي گھيراءَ، انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ ميڊيا تي مڪمل پابندي جي سخت مذمت ڪئي جيڪي ڀارت جي انھن قدمن کانپوءِ لاڳو ڪيا ويا ھئا. سندس چوڻ ھو ته 5 آگسٽ ڪشميري عوام جي حق خوداراديت تي حملي جي علامت آھي. ھارون اختر خان ڪشميري عوام لاءِ پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته حمايت ان وقت تائين جاري رھندي جيستائين ڪشميري عوام جي خواھشن مطابق ڪشمير جا مسئلا حل نه ٿا ٿئين. ھن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ھو والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ انصاف جي فراھمي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. ھن چيو ته 5 آگسٽ ڪشميري عوام جي بي شمار قربانين کي ياد ڪرڻ ۽ انھن جي جائز جدو جھد سان يڪجھتي جي عزم کي ورجائڻ جو ڏينھن آھي.

مزید خبریں