اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت فيري سروس لائسنس جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي ڪوششن سان تاريخي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت فيري سروس لائسنس جي اصولي منظوريءَ جي تصديق ڪئي. سي ڪيپرز کي ايران ۽ نار ملڪن لاءِ فيري لائسنس جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته …
سامونڊي معاملن واري وزارت فيري سروس لائسنس جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت فيري سروس لائسنس جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري جي ڪوششن سان تاريخي اڳڀرائي سامهون آئي آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزارت فيري سروس لائسنس جي اصولي منظوريءَ جي تصديق ڪئي. سي ڪيپرز کي ايران ۽ نار ملڪن لاءِ فيري لائسنس جي منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ سامونڊي رابطن جي نئين تاريخ لکي وئي آهي.فيري سروس سان زائرين ۽ مزدورن کي سستو سفر ميسر ايندو. ڪراچي ۽ گوادر مان فيري سروس جي شروعات ٿيندي. هن چيو ته سامونڊي سفر محفوظ ۽ آرامده بنايو ويندو، پاڪستان جي سامونڊي معيشت کي هٿي ملندي. فيري سروس سان علائقائي سياحت ۽ واپار کي هٿي ملندي. فيري سروس شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.










