نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن گڏيل قومن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

نيويارڪ – 23 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن گڏيل قومن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۽ فلسطين مسئلي جي موضوع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٽه ماهي اوپن مباحثي جي صدارت ڪندو. هو سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ملاقات ڪندو. نائب …

نيويارڪ – 23 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اربع ڏينهن گڏيل قومن ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وچ اوڀر ۽ فلسطين مسئلي جي موضوع تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٽه ماهي اوپن مباحثي جي صدارت ڪندو. هو سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ملاقات ڪندو. نائب وزيراعظم هڪ غيرملڪي ميڊيا اداري کي انٽرويو پڻ ڏيندو. نائب وزيراعظم گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي پاران او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي سفيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو.