اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪموڊيٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ آمريڪي ڪچي تيل، ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيٽپمبر لاءِ سودا 1.93 ڊالر جي اضافي سان 82.27 ڊالر في بيرل، جڏهن ته …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافو
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل، سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪموڊيٽي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرمين دوران ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو ۽ آمريڪي ڪچي تيل، ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ آئل جا سيٽپمبر لاءِ سودا 1.93 ڊالر جي اضافي سان 82.27 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ ڪروڊ جي آڪٽوبر ۾ ترسيل جا سودا 2.42 ڊالر جي اضافي سان 86.19 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 13.30 ڊالر اضافي سان 4103.80 ڊالر في اونس ۽ چانڊيءَ جي قيمت 1.06 ڊالر جي بهتري سان 58.92 ڊالر في اونس تائين پهچي وئي. مڪئي جي ڊسمبر ۾ ترسيل لاءِ سودا 1.50 ڊالر جي اضافي سان 474 ڊالر في بشل ۽ ڪڻڪ جي سيٽپمبر لاءِ سودا 2.50 ڊالر جي اضافي سان 653.50 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.












