وفاقي حڪومت پاران ظل هما کي آءِ ٽي اين اي جي نئين چيئرپرسن مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ قائم “ايمپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپر ايمپلائيز” (آءِ ٽي اين اي) جي نئين چيئرپرسن جي طور تي ظل هما جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اها مقرري “نيوز پيپر ايمپلائيز (ڪنڊيشنز آف سروس) ايڪٽ 1973ع” جي …

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ قائم “ايمپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپر ايمپلائيز” (آءِ ٽي اين اي) جي نئين چيئرپرسن جي طور تي ظل هما جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اها مقرري “نيوز پيپر ايمپلائيز (ڪنڊيشنز آف سروس) ايڪٽ 1973ع” جي شق 12 (اي) (2) ۽ ايم پي اسڪيلز پاليسي 2020ع تحت ڪئي وئي آهي. ظل هما کي ايم پي ون اسڪيل ۾ ٽن سالن جي مدي جي لاءِ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي مقرر ڪيو ويو آهي. سندس ان مقرري جو مُدو باقاعده چارج سنڀالڻ جي تاريخ کان لاڳو ٿيندو.