اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري پاران اي پي پي جي پيشيواراڻي ترقي جي عزم جو اظهار، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ انتظامي ۽ مالي معاملن جي منظوري

اسلام آباد - 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي پيشيواراڻي فروغ ۽ اداري جي ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن اڱاري ڏينهن اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي 35هين اجلاس جي صدارت کانپوءِ اي پي پي جي ملازمن سان ڳالهائيندي چيو ته ملازمن جي التوا …

اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي پيشيواراڻي فروغ ۽ اداري جي ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن اڱاري ڏينهن اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي 35هين اجلاس جي صدارت کانپوءِ اي پي پي جي ملازمن سان ڳالهائيندي چيو ته ملازمن جي التوا هيٺ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور تعاون فراهم ڪنداسين. اجلاس ۾ اي پي پي جي انتظامي ۽ مالي معاملن بابت ايجنڊا آئٽمز جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اي پي پي جي وقتي منئيجنگ ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ، پرنسپل انفارميشن آفيسر رئيسه عادل، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن سعيد شيخ، سينيئر صحافي محمد نواز رضا، جوائنٽ سيڪريٽري ايڪسپينڊيچر فنانس ڊويزن اظهار احمد سميت بورڊ جي ميمبرن ۽ اي پي پي جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته سينيٽر سرمد علي، پنجاب يونيورسٽي جي عوامي لاڳاپن واري شعبي جي سربراهه نوشينه سليم ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽرنل پبلسٽي عاشق شيخ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اي پي پي جي ملازمن بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ايجنڊا آئٽمز جي منظوري جي عمل کي خوش اسلوبي سان مڪمل ڪرڻ تي اطلاعات واري سيڪريٽري، بورڊ جي ميمبرن ۽ اي پي پي انتظاميا جا ٿورا ادا ڪيا.