اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي بهادر سپوتن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وطن عزيز جي تحفظ ۽ امن امان جي قيام لاءِ پوليس فورس جون قربانيون ناقابل فراموش ۽ پوري قوم لاءِ فخر جو ذريعو آهن. پنهنجي هڪ پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي ۽ ڏوهن …
پوليس جي شهيدن جون قربانيون پوري قوم لاءِ فخر جو ذريعو آهن: ريلوي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد- 04 آگسٽ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پوليس جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي بهادر سپوتن کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته وطن عزيز جي تحفظ ۽ امن امان جي قيام لاءِ پوليس فورس جون قربانيون ناقابل فراموش ۽ پوري قوم لاءِ فخر جو ذريعو آهن. پنهنجي هڪ پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ پوليس فورس، جنهن پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي، اهو واکاڻ جوڳو آهي. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي پوليس اهلڪارن، امن لاءِ پنهنجي جانين جا نذراڻا پيش ڪيا، جن جي عزم ۽ جذبي کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. محمد حنيف عباسي شهيدن جي گهرڀاتين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن جي ڪٽنبن جون قربانيون پوري قوم جو گڏيل سرمايو آهن ۽ حڪومت انهن سان گڏ بيٺل آهي. يوم شهداءِ پوليس اسان کي پنهنجي انهن محافظن جي عظيم خدمتن جي اعتراف ۽ انهن جي يادن کي تازي رکڻ جو پيغام ڏئي ٿو. هن زور ڀريو ته ملڪ ۾ پائيدار امن، قانون جي عملداري ۽ تحفظ جي فراهمي لاءِ هڪ مضبوط، جديد ۽ باصلاحيت پوليس فورس جي جوڙجڪ اڻٽر آهي.












