ڪراڪس- 04 آگسٽ (اي پي پي) وينزويلا ۾ جون جي آخر ۾ آيل 2 طاقتور زلزلن سبب فوتين جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي قومي اسيمبلي جي صدر جارج روڊريگيز ٻڌايو ته تازن انگن اکرن مطابق زلزلن سبب هن وقت تائين 6 هزار 125 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ اضافي جو خدشو …
وينزويلا ۾ زلزلن سبب فوتگين جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو
ڪراڪس- 04 آگسٽ (اي پي پي) وينزويلا ۾ جون جي آخر ۾ آيل 2 طاقتور زلزلن سبب فوتين جو انگ 6 هزار کان وڌي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملڪ جي قومي اسيمبلي جي صدر جارج روڊريگيز ٻڌايو ته تازن انگن اکرن مطابق زلزلن سبب هن وقت تائين 6 هزار 125 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته فوتين ۾ اضافي جو خدشو آهي، جڏهن ته غير سرڪاري اندازن مطابق 17 هزار کان 29 هزار 500 ڄڻا هن وقت تائين گم آهن. جارج روڊريگيز ٻڌايو ته امدادي ۽ صفائي جون ڪارروائيون جاري آهن ۽ هاڻي تائين اٽڪل 3 لک 50 هزار ٽن ملبو هٽائي چڪا آهيون. جيڪي گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام مطابق مجموعي طور تي 21 لک ٽن ملبي جو لڳ ڀڳ 16.5 سيڪڙو ٺهي ٿو. ياد رهي ته 24 جون تي آيل 7.2 ۽ 7.5 شدت جا 2 زلزلن سڄي ملڪ ۾ وڏي پيماني تي تباهي مچائي ۽ قومي هنگامي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي.












