اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جي هڪ گروپ سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن پاڪستان جي معاشي منظرنامي خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جهڙن قدمن ۾ نمايان بهتري تي روشني وڌي ۽ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات، توانائي ۽ سياحت جهڙن ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪارن جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي نيويارڪ ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جي گروپ سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 – جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن جي هڪ گروپ سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن پاڪستان جي معاشي منظرنامي خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جهڙن قدمن ۾ نمايان بهتري تي روشني وڌي ۽ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات، توانائي ۽ سياحت جهڙن ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ سهولتڪاري تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي اهم ڪردار تي پڻ روشني وڌي. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي ترغيب ڏني جنهن ۾ صارفين جي آبادي، نوجوان افرادي قوت، وڌندڙ ڊيجيٽل معيشت ۽ جاگرافيائي فائدن کي استعمال ڪندي گڏيل فائديمند نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. شرڪت ڪندڙن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تعاون ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي عزم جو اظهار ڪيو.











