گڏيل قومون -22 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي خبردار ڪيو آهي، ته ايشيا کنڊ کان وٺي اتر آمريڪا کنڊ تائين هلندڙ مهيني ٻوڏن نه رڳو ڪيتريون ئي حياتيون ڳڙڪايون پر ارلي وارننگ سسٽمز مان حاصل ڪيل خطرناڪ خال کي به بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي اداري ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن موجب موسمياتي تبديلي، تيز شهري آبادڪاري ۽ زمين جي استعمال ۾ تبديلي سخت برساتن …
سڄي دنيا ۾ ٻوڏن سبب تباهي ۾ اضافي تي ڊبليو ايم او پاران وارننگ، ارلي وارننگ سسٽم تائين وڌ کان وڌ رسائي تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون -22 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي موسمياتي ايجنسي خبردار ڪيو آهي، ته ايشيا کنڊ کان وٺي اتر آمريڪا کنڊ تائين هلندڙ مهيني ٻوڏن نه رڳو ڪيتريون ئي حياتيون ڳڙڪايون پر ارلي وارننگ سسٽمز مان حاصل ڪيل خطرناڪ خال کي به بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي اداري ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن موجب موسمياتي تبديلي، تيز شهري آبادڪاري ۽ زمين جي استعمال ۾ تبديلي سخت برساتن ۽ گليشيئرز ڦاٽڻ سان آيل ٻوڏن جي شدت ۽ تعداد ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اداري موجب ڪوه هندوڪش ۽ ڪوه هماليه جي خطن ۾ گلشيئرز سبب آيل ٻوڏ ٻه ڏهاڪا اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڪافي واڌ ٿي آهي ۽ جيڪڏهن سراسري عالمي گرمي پد ۾ اضافو جاري رهيو ته هن صدي جي پڄاڻي تائين اهي خطره ٽيڻ تي وڌي ويندا. جولاءِ مهيني ۾ پاڪستان، ڀارت، نيپال، چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ سانوڻي جون برساتون، گليشيئر ڦاٽڻ ۽ اوچتو آيل ٻوڏن تباهي مچائي ڇڏي. پاڪستان متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي آرمي هيليڪاپٽرز کي امدادي ڪارروائين لاءِ مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ رات جي وقت آيل ٻوڏ هڪ ڪيمپ ۾ ننڊ پيل ٻارن سميت 100 کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون. نيپال جي ضلع راسوا ۾ 7 جولاءِ تي هڪ گليشيئر ڦاٽڻ سان هائيڊرو پاور پلانٽ، پل ۽ واپاري رستا لڙهي ويا ۽ مختلف واقعن ۾ 11 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. ڏکڻ ڪوريا ۾ 16 کان 20 جولاءِ دوران 115 ملي ميٽر في ڪلاڪ کان وڌيڪ برسات ٿي جنهن سبب 18 ماڻهو فوت ۽ 13 هزار کان وڌيڪ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. چين جي ڏاکڻي علائقن ۾ برسات ۽ طوفان کان پوءِ مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي. ڊبليو ايم او اعلان ڪيو آهي، ته هو ٻوڏ جي اڳڪٿي واري نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ هڪ عالمي پليٽ فارم ذريعي سيٽلائيٽ، ريڊار ۽ اعليٰ معيار جي ماڊلز جو استعمال ڪري رهيو آهي ته جيئن خطرن جو اڳواٽ اطلاع ڏئي سگهجي. گڏيل قومن جي ارلي وارننگ فار آل مهم جو هدف آهي ته 2027ع تائين دنيا جي هر ماڻهو کي ڪنهن ڪنهن صورت ۾ ابتدائي وارننگ سسٽم تائين پهچ حاصل ٿي.هڪ رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ اٽڪل 1.81 ارب ماڻهو اهڙن علائقن ۾ رهن ٿا جتي 100 سال ۾ هڪ ڀيرو آيل ٻوڏ سڌيءَ ريت خطرو بڻجي سگهي ٿي جن مان 89 سيڪڙو ماڻهو اسرندڙ ملڪن ۾ رهن ٿا.











