ڍاڪا-21 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديشي فضائيه جو تربيتي جهاز اسڪول جي عمارت تي ڪِرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جي عارضي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي خاص مددگار پروفيسر سيد الرحمان واقعي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن بابت تصديق ڪئي. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 73 ڄڻن کي سڙڻ سبب زخم …
بنگلاديشي فضائيه جو تربيتي جهاز اسڪول جي عمارت تي ڪِرڻ پيو، 16 ڄڻا فوت، 100 زخمي

مزید خبریں
ڍاڪا-21 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديشي فضائيه جو تربيتي جهاز اسڪول جي عمارت تي ڪِرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش جي عارضي حڪومت جي چيف ايڊوائيزر محمد يونس جي خاص مددگار پروفيسر سيد الرحمان واقعي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن بابت تصديق ڪئي. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 73 ڄڻن کي سڙڻ سبب زخم رسيا آهن جن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. بنگلاديش جي حڪومت ان حادثي کانپوءِ اڄ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. بنگلاديشي فوج موجب ايئرفورس جو جهاز ايف 7 بي جي آءِ ڪالهه منجهند جو هڪ لڳي ڇهن منٽن تي اُڏام ڀري پر فوري طور بي قابو ٿي ويو ۽ اسڪول جي عمارت سان ٽڪرائجي وئي. اطلاع موجب هي تربيتي جهاز ڍاڪا جي مائلسٽون اسڪول ۽ ڪاليج ڪيمپس تي ڪِريو اهي. ان وقت اسڪول ۽ ڪاليج ۾ امتحان جاري هئا ۽ بريڪ جو وقت هئڻ سبب ڪيترائي والدين اسڪول جي گيٽ اندر هئا ۽ ٻار ٻاهر نڪري رهيا هئا. فوت ۽ زخمي ٿيلن ۾ ڪيترن ئي شاگردن جا والدين به شامل آهن.











