ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ يوٽليٽي اسٽورز جي نجڪاري، پابندي ۽ ملازمن لاءِ اسڪيم بابت جائزه اجلاس

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي يوٽليٽي اسٽورز ڪارپوريشن (يو ايس سي) جي پابندي ۽ نجڪاري جي عمل جي نگرانيءَ لاءِ قائم ڪيل اعليٰ سطحي ڪميٽيءَ جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. ڪميٽيءَ کي يوٽليٽي اسٽورز جي پابندي جي عمل کي شفاف ۽ منظم طريقي سان مڪمل ڪرڻ، ملازمن لاءِ موزون رضاڪاراڻي عليحدگي اسڪيم (وي …

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي يوٽليٽي اسٽورز ڪارپوريشن (يو ايس سي) جي پابندي ۽ نجڪاري جي عمل جي نگرانيءَ لاءِ قائم ڪيل اعليٰ سطحي ڪميٽيءَ جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. ڪميٽيءَ کي يوٽليٽي اسٽورز جي پابندي جي عمل کي شفاف ۽ منظم طريقي سان مڪمل ڪرڻ، ملازمن لاءِ موزون رضاڪاراڻي عليحدگي اسڪيم (وي ايس ايس) تيار ڪرڻ ۽ نجڪاري لاءِ هڪ واضح ٽائيم لائن تجويز ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار واري صلاحڪار هارون اختر خان، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، ناڻي وارو سيڪريٽري، صنعتن ۽ پيداوار وارو سيڪريٽري، ايم ڊي يوٽليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ۽ ناڻي وزارت ۽ روينيو جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ طرفان ڏنل هدايتن تحت اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ آئينده جي لائحه عمل تي تفصيلي صلاح مشورو ڪيو ويو. ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته حڪومت جي هدايت موجب يوٽليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جون سموريون سرگرميون 31 جولاءِ تي مڪمل طور تي بند ڪيون وينديون. اجلاس دوران يو ايس سي، جي ملازمن لاءِ هڪ منصفاڻي ۽ مالي طور تي عمل جوڳي وي ايس ايس اسڪيم جي تياري تي تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران ميمبرن تجويز ڪيل وي ايس ايس جي مختلف رُخن جو جائزو ورتو جن ۾ ان جي امڪاني سائز، مالياتي اثرن، قانوني ۽ انتظامي نقصان شامل آهن. ڪميٽيءَ تجويز ڏني ته نجڪاري ڪميشن کان يوٽليٽي اسٽورز جي اثاثن جي وِڪري يا نجڪاري جي افاديت بابت صلاح مشورا ڪيا وڃن. هڪ جامع تجزيي کي يقيني بنائڻ لاءِ چيئرمين، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سربراهيءَ ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ ناڻي وزارت ۽ صنعتن ۽ پيداوار جا نمائندا شامل هوندا. اها ذيلي ڪميٽي تجويز ڪيل وي ايس ايس جي قانوني ۽ انتظامي رخ، دائره ڪار، ڳاڻيٽي جو جائزو وٺي هفتي جي پڄاڻيءَ تائين پنهنجي رپورٽ مرڪزي ڪميٽيءَ کي پيش ڪندي. ڪميٽيءَ کي پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ وزيراعظم جي مقرر ڪيل شرطن موجب رپورٽ پيش ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندي.