اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ڪينيا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پٽيرمبو گونجيرو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سهڪار خاص ڪري زراعت ۽ واپار جي شعبن ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي پاڪستان طرفان ڪينيا سان زرعي ناتن کي وڌيڪ …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان ڪينيا جي پاڪستان بابت هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پٽيرمبو گونجيرو ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفي سهڪار خاص ڪري زراعت ۽ واپار جي شعبن ۾ ڀائيواري وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي پاڪستان طرفان ڪينيا سان زرعي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيا وچ ۾ موجوده ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽو اٽڪل هڪ ارب آمريڪي ڊالر آهي، جنهن ۾ پاڪستان طرفان چانور، ڪپهه ۽ ٻج روانگي واپار ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته ڪينيا مان چانهه ۽ ٻين جنسن جي اٽڪل 35 ڪروڙ ڊالر جي ماليت آمدني واپار ڪيو ويندو آهي. ٻنهي ملڪن زرعي شين جي واپار کي وڌيڪ وسيع ۽ جديد بنائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. هاءِ ڪمشنر زرعي ادارن سان گڏيل سهڪار ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هو جلد ئي پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل جو دؤرو ڪندو ته جيئن گڏيل زرعي تحقيق ۽ جدت جا موقعا تلاش ڪري سگهجن. وفاقي وزير، پي اي آر سي جي سڄي ملڪ ۾ قائم 44 خاص تحقيقي ادارن جي نيٽ ورڪ کي اجاگر ڪندي ٻج جي ترقي، لائيو اسٽاڪ، ڪپهه جي پيداوار ۽ زرعي مشينري جهڙن شعبن ۾ سهڪار لاءِ پاڪستان جي رضامندي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پاڪستان- ڪينيا جوائنٽ ٽريڊ ڪمپني (جي ٽي سي) جو اجلاس 11 کان 18 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. ان موقعي تي زراعت ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي ڳالهيون ۽ امڪاني صحيحن جي اميد آهي. رانا تنوير حسين ان ڳالهه جي به آجيان ڪئي ته ڪينيا پاڪستان کي ايووڪاڊو، انب، گل ۽ چانهه جهڙين زرعي شيون روانگي واپار ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ملاقات ۾ وفاقي وزير ٻُڌايو ته ڪينيا ۾ 2 کان 3 هزار جي وچ ۾ پاڪستاني شهري مختلف شعبن جهڙوڪ هاسپٽيلٽي، بئنڪاري، آٽو موبائل ٽريڊ ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سرگرم عمل آهن، جن ۾ آغا خان فائونڊيشن به شامل آهي. وفاقي وزير ان اداري جاتي رابطن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ، گڏيل منصوبن، تحقيقي ڀائيواري ۽ ٽيڪسٽائل، چمڙي ۽ زرعي پراسيسنگ ۾ فني منتقلي کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو، خاص طور تي دفاعي تربيت جي ميدان ۾ ۽ ٻُڌايو ته ڪينيا جي زميني ۽ سامونڊي فوجن جي ڪيترن ئي آفيسرن پاڪستان جي ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۽ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽه جهڙن ادارن مان تربيت حاصل ڪئي آهي. هاءِ ڪمشنر ڪينيا جي يومِ آزاديءَ جي تقريب ۾ شرڪت تي وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ان کي خيرسگالي ۽ گڏيل احترام جي علامت قرار ڏنو. ڌُرين 1964ع ۾ قائم ٿيل تاريخي سفارتي ناتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اداري جاتي رابطن ۽ شعبي جاتي سهڪار کي نئين سر فعال بنائڻ تي اتفاق ڪيو.











