باڪو ۽ اسلام آباد ۾ رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) آذربائيجان جي معيشت بابت نائب وزير صمد بشرلي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پهرين ڏينهن مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي ملڪ طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته آذربائيجان سان پاڪستان جا دوستاڻا ۽ ويجها لاڳاپا …

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) آذربائيجان جي معيشت بابت نائب وزير صمد بشرلي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پهرين ڏينهن مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي ملڪ طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ خير سگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته آذربائيجان سان پاڪستان جا دوستاڻا ۽ ويجها لاڳاپا اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پاڪ ڀارت تازي جنگ ۾ آذربائيجان پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو ۽ هو هر قسم جي حالتن ۾ اسان سان گڏ بيٺل رهيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته باڪو ۽ اسلام آباد ۾ گڏيل رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ خاص طور تي ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ سان ٻنهي ملڪن جي ويجهڙائي وڌيڪ وڌندي. پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي عبدالعليم خان چيو ته کيس باڪو ۾ ان ڳالهه تي خوشگوار حيرت ٿي ته اتي گفٽ وارن دڪانن تي آذربائيجان کانسواءِ ترڪيه ۽ پاڪستان جي قومي جهنڊي تي به ”سووينيئر“ رکيل هئا. اهڙي طرح پاڪستان ۾ به آذربائيجان جا ماڻهو اسان جي دلين جي ويجهو آهن، جنهن جو اظهار عوامي جلسن ۾ پاڪستان جا شهري آذربائيجان، ترڪيه ۽ چين جا جهنڊا ڦڙڪائي ڪندا آهن. آذربائيجان جي نائب وزير صمد بشرلي، وفاقي وزير عبدالعليم خان جو ٿورو مڃيو جڏهن ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان کي گڏيل واپار ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻو آهي، جنهن لاءِ اسلام آباد ۾ پاڪ – آذربائيجان چيمبر آف ڪامرس پهريان ئي فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.