اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ويٽنام ٻُڌمت جي گڏيل ورثي کي بنياد بڻائي مذهبي ۽ ثقافتي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويجهي تعاون تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ويٽنامي سفارتخاني جي اقتصادي ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي سربراهه ڪوانگ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻُڌمت ورثي جي روشني ۾ گڏيل منصوبن، عوامي رابطن، ماهرن …
وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ويٽنام سفارتخاني جي اقتصادي ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي سربراهه جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ويٽنام ٻُڌمت جي گڏيل ورثي کي بنياد بڻائي مذهبي ۽ ثقافتي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويجهي تعاون تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان ۾ ويٽنامي سفارتخاني جي اقتصادي ۽ ثقافتي سفارتڪاري جي سربراهه ڪوانگ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻُڌمت ورثي جي روشني ۾ گڏيل منصوبن، عوامي رابطن، ماهرن ۽ شاگردن جي مٽاسٽا ۽ ثقافتي ميلن ۾ حصيداري تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مسٽر ڪوانگ ملاقات ۾ ”هزار ميلن جي سفر جو پهريون قدم“ سان تعبير ڪندي تجويز ڏني ته ٽيڪسلا ميوزم ۽ ويٽنام جي قومي تاريخي عجائب گهرن وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون وڃن، جنهن تحت ”ريشم جي رستي تي ٻُڌمت جو فن“ جي عنوان سان گڏيل نمائش منعقد ڪري سگهجي ٿي. ان کانسواءِ آثار قديمه جي ماهرن، ڪنزرويٽرز ۽ ڪيوريٽز جي مٽاسٽا، تحقيقي منصوبا ۽ ورثي جي تحفظ بابت تربيتي پروگرام به غور هيٺ آيا. وفاقي وزير ويٽنامي تجويزن کي ساراهيندي انهن کي پاڪستان لاءِ هڪ تاريخي موقعو قرار ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ثقافت، ورثي ۽ سياحت جي شعبن ۾ هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي. قومي ورثي ۽ ثقافت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني پاڪستان جي ٻڌمت ورثي تي روشني وجهندي چيو ته ٽيڪسلا ۽ تخت ڀائي جهڙا ماڳ ٻڌمت زائرين لاءِ عالمي ڪشش رکن ٿا. ڳالهين ۾ سياحت ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ تي به زور ڀريو ويو. ويٽنامي سياحن کي پاڪستان جي اترين علائقن ۽ ڪي ٽو جهڙن هنڌن جي سير جي دعوت ڏني وئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌي ريت اڏامن تي به اتفاق ٿيو. اورنگزيب کچي ويٽنامي سفارتخاني کي لوڪ ورثه فيسٽيول ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ هڪ گڏيل گنڌارا نمائش منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني. ملاقات ۾ فوري طور تي فوڪل پرسنز مقرر ڪرڻ ۽ ايندڙ هفتي فالو اپ گڏجاڻيون شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن ان تعاون کي عملي شڪل ڏئي سگهجي. اها اڳڀرائي نه رڳو ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي لاڳاپن کي هٿي ڏيندي پر عالمي سطح تي روحاني هم آهنگي ۽ ثقافتي يڪجهتي جو مثال به قائم ڪندي.ان موقعي تي NIFTYSPHERE INSTITUTE جي سي اي او عثمان شاهه، شاهه الله دته غارون جي سياحتي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي ماڳ ٻڌمت زائرين کي متوجهه ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا، جيڪي پاڪستان جي سياحتي معيشت کي نئون رخ ڏئي سگهن ٿا.











