اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ تعمير نه ٿيڻ بابت آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته ٽيڪنالاجي پارڪ تعمير نه ٿيڻ سان 8 ڪروڙ 87 …
پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس پي اي سي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ تعمير نه ٿيڻ بابت آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺندي آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته ٽيڪنالاجي پارڪ تعمير نه ٿيڻ سان 8 ڪروڙ 87 لک ڊالرن جو نقصان ٿيو. هي ٽيڪنالاجي پارڪ ڊسمبر 2022ع تائين مڪمل ٿيڻو هيو، ان منصوبي لاءِ ڪورين ايگزم بئنڪ کان قرض ورتو ويو هو، اڃان تائين ٽيڪنالاجي پارڪ منصوبي تي ڪم شروع ئي ناهي ڪيو ويو. هائوسنگ واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير جو منصوبو ڪورين ڪمپني وٽ هو. ڪورونا دوران گلوبل لاڪ ڊائون سبب منصوبي تي ڪم شروع نه ٿيو. هاڻي ٻيهر هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ ان منصوبي کي لانچ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ڪميٽي جي چيئرمين جنيد اڪبر خان چيو ته منصوبي جي دير سان جيڪو وقت ضايع ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي؟ رياض فتيانه چيو ته اها به خبر پوي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي حوالي سان ڊيٽا ڪيتري آهي، اهو ٻڌايو وڃي ته اسان وٽ آءِ ٽي ۾ هن وقت ورڪ فورس ڪيترو آهي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته اسان وٽ آءِ ٽي ۾ 7 لک گريجوئيٽس آهن ۽ 2.3 ملين فري لانسرز آهن. پي اي سي هڪ مهيني ۾ ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير جي اسٽيٽس جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. 1.8 ارب روپين جي رقم تي پي ايس ڊي پي منصوبن ۾ دير جي آڊٽ اعتراضن جي حوالي سان آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته 22-2021ع ۾ آءِ ٽي واري وزاررت جي 28 منصوبن لاءِ 6.7 ارب رکيا ويا هئا. بعد ۾ آءِ ٽي منصوبن لاءِ مختلف وزارتن لاءِ 5 ارب رکيا ويا، هي منصوبا 2022ع ۽ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻا هئا، 28 منصوبن مان 12 منصوبن تي 5 کان 56 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو. انهن منصوبن لاءِ جاري فنڊن مان 74 کان 10 سيڪڙو استعمال ٿي چڪو هو، هاڻي ٻڌايو ويو ته اهي منصوبا هاڻي مڪمل ڪيا ويا آهن. هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي عملدارن چيو ته آڊٽ تي ڪجهه پريشاني ٿي آهي، منصوبن تي ڪم درست ٿيو آهي، منصوبن ۾ دير ضرور ٿي آهي پر اهي سمورا منصوبا مڪمل ٿي چڪا آهن. پي اي سي جي ميمبرن چيو ته آڊٽ جا 4 پراسيس آهن، ان دوران اوهان آڊٽ کي مطئمن ڇو نه ڪيو. جيڪڏهن منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن ها ته ماڻهن کي وڌيڪ فائدو ٿئي ها. شاهده بيگم چيو ته آءِ ٽي ۾ هر 5 منٽن کانپوءِ ريووليوشن اچي رهي آهي، منصوبن ۾ دير برداشت ناهي، آءِ ٽي جي ڪنهن به منصوبي ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. پي اي سي منصوبن ۾ دير جي ذميوارن جو تعين ڪري 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جي وفاقي حڪومت جي اجازت کانسواءِ 5.6 ارب خرچن جي معاملي تي آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته اين ٽي سي وفاقي حڪومت جي اجازت کانسواءِ 5.6 ارب جا خرچا ڪيا. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن عملدارن اعتراف ڪيو ته ان معاملي ۾ پروسيجر تي عملدرآمد ناهي ٿيو. آڊٽ عملدارن چيو ته اين ٽي سي بورڊ هڪ روپئي جي بجيٽ منظور نٿو ڪري سگهي، اين ٽي سي جي گذريل ٽن سالن جي فنانس اسٽيٽمينٽس ناهي. ٽن سالن کان اين ٽي سي جو بجيٽ منظور ناهي ٿيو. انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪام جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان هن وقت هائوس ان آرڊر ڪري رهيا آهيون، خاطري ڪرايان ٿو ته ان کانپوءِ ائين نه ٿيندو. پي اي سي جي چيئرمين چيو ته هي 23-2022ع جو معاملو آهي، جيڪو به سيڪريٽري اچي ٿو اها ئي ڳالهه ڪري ٿو، خواجه شيراز محمود چيو ته اهو ڪهڙي قومي راز آهي ته اوهان فنانشل اسٽيٽمنٽس آڊٽ کي نه ڏئي رهيا آهيو، سيد نويد قمر چيو ته هتي متوازي حڪومت هلي رهي آهي، هي سمجهن ٿا ته اسان تي ڪو رولز نٿو لاڳو ٿئي، سيد نويد قمر هتي اچي ۽ قانون کان مٿانهون ڪو به ناهي، پي اي سي انفارميشن اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري سيڪريٽري کي ذميوارن جو تعين ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.











