اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيه جاري ڪندي چيو آهي ته 16 ۽ 17 جولاءِ دوران تيز برسات سبب ڪشمير، اسلام آباد/ راولپنڊي، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر پنجاب، ڊي جي خان، گلگت بلتستان، چترال، دير، سوات، شانگله، مانسهره، مري، گليات، ڪوهستان، ايبٽ آباد، بونير، صوابي، نوشهره ۽ مردان جي مقامي/ برستي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي. شديد برسات سبب خيبر پختونخوا، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت …
تيز برسات سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مقامي ۽ برساتي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيه جاري ڪندي چيو آهي ته 16 ۽ 17 جولاءِ دوران تيز برسات سبب ڪشمير، اسلام آباد/ راولپنڊي، پوٺوهار خطي، اتر اوڀر پنجاب، ڊي جي خان، گلگت بلتستان، چترال، دير، سوات، شانگله، مانسهره، مري، گليات، ڪوهستان، ايبٽ آباد، بونير، صوابي، نوشهره ۽ مردان جي مقامي/ برستي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي. شديد برسات سبب خيبر پختونخوا، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ مٽي جون ڇپون ڪرڻ سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. شديد برساتن سبب گوجرانواله، لاهور، سيالڪوٽ، سرگوڌا، فيصل آباد، نوشهره، پشاور، اسلام آباد/ راولپنڊي جي هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو انديشو آهي ۽ عوام کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، طوفان/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب ڪمزور انفراسٽرڪچر (بجلي جي ٿنڀن، وڻن، گاڏين، سولر پينل وغيره) ۽ بيٺل فصلن کي نقصان جو انديشو آهي ۽ عوام کي احتياط جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ (خميس ڏينهن) ڪشمير، اسلام آباد، پوٺورهار خطي، اتر اوڀر پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ اڪثر هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وقفي وقفي سان برسات جڏهن ته ڪٿي ڪٿي شديد برسات جو امڪان آهي. وچولي/ ڏکڻ پنجاب ۽ اتر اوڀر/ ڏکڻ بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، ڪشمير، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي، جڏهن ته وچولي ۽ اوڀر پنجاب ۾ ڪٿي ڪٿي تيز برسات به ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دالبندين، نوڪنڊي ۾ 43 ۽ دادو ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











