اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پهرين جنوري 2025ع کان ”اي او بي آءِ“ جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي ۽ ڪينسر، دل جي مرض ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي درآمد تي وڌيڪ 5 سال ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن …
وفاقي ڪابينا پاران پهرين جنوري 2025ع کان ”اي او بي آءِ“ جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي ۽ ڪينسر، دل جي مرض ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي درآمد تي وڌيڪ 5 سال ڇوٽ جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پهرين جنوري 2025ع کان ”اي او بي آءِ“ جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي ۽ ڪينسر، دل جي مرض ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي درآمد تي وڌيڪ 5 سال ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي سي ڪيرج شپنگ ڊاڪومينٽس بل 2025ع جي مسودي جي حوالي سان ضروري قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي واري وزارت جي سفارش تي ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪو پهرين جنوري 2025ع کان لاڳو هوندو، پينشن ۾ اهو اضافو ادارو پنهنجي وسيلن سان ڏيندو. وزيراعظم اي او بي آءِ ۾ اداراجاتي سڌارن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي، ڪميٽي اداري ۾ سڌارن کانسواءِ غيرمنظم ليبر سيڪٽر جهڙوڪ گهريلو، فصلن جي پوکيءَ سان واڳيل ملازمن ۽ اهڙي طرح جي ٻين شعبن جي ملازمن جن کي هيستائين نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي، کي اولڊ ايج بينيفٽس جي فراهمي جي حوالي سان تجويزن تي غور ڪندي، غيرمنظم سيڪٽر جي سڌارن سان هيستائين نظرانداز ٿيندڙ ملازمن کي انهن جا حق ملندا. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي اسپتالن ۽ صحت سان لاڳاپيل ادارن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪينسر، دل جي مرض ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جي درآمد تي 5 سال جي لاءِ وڌيڪ ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اهي دوائون انساني زندگين کي بچائڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ انهن جي فوري دستيابي جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي اها ڇوٽ ڏني وئي آهي. اهي دوائون رڳو اسپتالن ۽ لاڳاپيل ادارن ۾ دستياب هونديون ۽ انهن جي کلي عام وڪري تي پابندي هوندي ۽ انهن دوائن جي درآمد جي لاءِ اڳ ۾ لائسنسنگ اٿارٽي کان منظور گهربل هوندي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 2 ۽ 3 جولاءِ 2025ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.











