اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا پاران پاڪستاني اڏامن تي لاڳو پابندي جي خاتمي جي فيصلي تي دفاع واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته برطانيا جي لاءِ پاڪستاني اڏامن جي ٻيهر شروعات پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم سنگ ميل آهي، ان سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سفري سهولت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سياحت کي …
وزيراعظم پاران برطانيا پاران پاڪستاني اڏامن تي لاڳو پابندي جي خاتمي جي فيصلي تي دفاع واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا پاران پاڪستاني اڏامن تي لاڳو پابندي جي خاتمي جي فيصلي تي دفاع واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته برطانيا جي لاءِ پاڪستاني اڏامن جي ٻيهر شروعات پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم سنگ ميل آهي، ان سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سفري سهولت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سياحت کي پڻ هٿيءَ ملندي، ماضي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري پاڪستاني اڏامن تي پابنديون لڳيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ملاقات ڪئي. وزيراعظم برطانيا پاران پاڪستاني اڏامن تي لاڳو پابندي جي خاتمي تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايوي ايشن ڊويزن کي ساراهيو. وزيراعظم دفاع واري وزير ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته برطانيا جي لاءِ پاڪستاني اڏامن جي ٻيهر شروعات پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم سنگ ميل آهي، ماضي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي غيرذميواراڻي بيانن جي ڪري پاڪستاني اڏامن تي پابنديون لڳيون ۽ ملڪي ساک کي نقصان پهتو. وزيراعظم چيو ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سفري سهولت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سياحت کي پڻ هٿي ملندي. ملاقات ۾ سياسي ۽ وزارتي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي.











