شيان – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ۽ چين جي عالمي تعاون واري شعبي جي سربراهه ۽ گوانگ شي ريڊيو اينڊ ٽي وي اسٽيشن جي ڊپٽي ايڊيٽر ان چيف زينگ ڪيوئي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لميٽيڊ ۽ گوانگ شي ريڊيو اينڊ ٽيليويزن جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت پاڪستان …
پاڪستان ٽيليويزن ۽ گوانگ شي ريڊيو اينڊ ٽيليويزن جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول تي صحيحون

مزید خبریں
شيان – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ۽ چين جي عالمي تعاون واري شعبي جي سربراهه ۽ گوانگ شي ريڊيو اينڊ ٽي وي اسٽيشن جي ڊپٽي ايڊيٽر ان چيف زينگ ڪيوئي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن لميٽيڊ ۽ گوانگ شي ريڊيو اينڊ ٽيليويزن جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون آهن جنهن تحت پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه ملهائيندي ”ترقي جو رستو“ جي عنوان سان گڏيل طور تي هڪ دستاويزي فلم جي منصوبابندي ۽ تياري ڪئي ويندي. اها ٻن قسطن تي ٻڌل هوندي ۽ هر قسط جو وقت 30 منٽ هوندو. دستاويزي فلم 21 مئي 2026ع (سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه) جي ويجهو گوانگ شي ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي چينلز ۽ نئين ميڊيا پليٽ فارمز سان گڏوگڏ پاڪستان ٽيليويزن جي نئين ميڊيا پليٽ فارمز ۽ ٽي وي چينلز تي نشر ڪئي ويندي.











