اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پي ايف يو جي، آر آءِ يو جي) ۽ پي آر اي جي نمائنده وفد جي ملاقات

اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) ۽ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير آر آءِ يو جي جي صدر طارق ورڪ سان پيش ايندڙ واقعي …

اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سان پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) ۽ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير آر آءِ يو جي جي صدر طارق ورڪ سان پيش ايندڙ واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته صحافين جي وقار، آزادي ۽ پيشيواراڻي تحفظ کي هر سطح تي يقيني بڻايو ويندو. هن چيو ته معاملي کي حل ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي، صحافين کي انهن جي فرضن جي ادائيگي ۾ هر ممڪن تعاون ۽ تحفظ فراهم ڪنداسين. حڪومت آزاد صحافت کي معاشرتي بهتري جو ٿنڀ سمجهي ٿي ۽ ان جي دفاع لاءِ پرعزم آهي. وفد ۾ پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جو صدر اظهر جتوئي، سيڪريٽري نيئر علي ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.