اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي حراست ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب فهرستن جي مٽاسٽا قونصلر پهچ 2008ع جي معاهدي تحت ٿي، معاهدي موجب ٻئي ڌريون هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جون فهرستون فراهم ڪرڻ جون پابند آهن. پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان حڪومت 246 ڀارتي قيدين (53 شهري قيدين ۽ 193 مُهاڻن) جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي حڪومت 463 پاڪستاني يا مڃيا ويندڙ پاڪستاني قيدين (382 سويلين قيدين ۽ 81 مُهاڻن) جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن جي هڪ سفارتڪار سان شيئر ڪئي. بيان موجب پاڪستان حڪومت انهن سمورن پاڪستاني قيدين ۽ مُهاڻن جي فوري آزادي ۽ وطن واپسي جو مطالبو ڪيو آهي جن پنهنجي لاڳاپيل سزا پوري ڪري ڇڏي آهي ۽ جن جي قومي حيثيت جي تصديق ٿي چڪي آهي. سمورن پاڪستاني قيدين جن ۾ جسماني ۽ ذهني طور تي معذور قيدي به شامل آهن، جي لاءِ خصوصي قونصلر پهچ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي ته جيئن انهن جي قومي حيثيت جي جلد تصديق ٿي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ويو آهي ته اها انهن سمورن قيدين کي قونصلر پهچ فراهم ڪري جن تائين قونصلر پهچ جو اڃا انتظار آهي. ڀارت تي اهو به زور ڏنو ويو آهي ته هو ڀارتي حراست ۾ سمورن پاڪستاني قيدين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت انساني همدرديءَ جي معاملن کي ترجيح جي طور تي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ هو ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستانين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.