اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته علم ۽ ادب ۽ فنون لطيفه کي پٺتي وجهندڙ معاشرا مشيني سوچ جو شڪار ٿي لطيف انساني جذبن کان محروم ٿي وڃن ٿا، انهن ادارن جي نظم ۽ ضبط ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، نئين دور جي گهرجن موجب انهن جي دائري ۽ مينڊيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جلد هڪ ڪميٽي جوڙيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي ليڊر سينيٽر عرفان صديقي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته علم ۽ ادب جا سرچشما معاشري جي روح هوندا آهن، اسان تهذيب ۽ ثقافت جو عظيم سرمايو رکون ٿا جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي. علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي اهميت جي قومي ادارن جي بندش يا ضم ڪرڻ جي ڪنهن به تجويز تي عملدرآمد حڪومت جي غور هيٺ نه آهي، ان جي ابتڙ انهن ادارن کي وڌيڪ مضبوط، موثر ۽ ڪارائتو بڻائڻ جون ڪوششون ڪنداسين ته جيئن معاشرو انتهاپسندي جهڙي مرض کان پاڪ ٿئي ۽ اسان جو حقيقي مثبت تاثر دنيا آڏو اڀري. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم کي علمي ادارن جي بندش يا هڪ ٻئي ۾ ضم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي جي سفارشن تي سڄي ملڪ ۾ اهل علم ۽ دانش، اديبن، شاعرن ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ طبقن ۾ موجود ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم کي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گذريل دور ۾ انهن ادارن تي خاص ڌيان ڏنو ويو ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي ملڪ جي هر طبقي ۾ ساراهيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته علم ۽ ادب ۽ فنون لطيفه کي پٺتي وجهندڙ معاشرا مشيني سوچ جو شڪار ٿي لطيف انساني جذبن کان محروم ٿي وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته انهن ادارن جي نظم ۽ ضبط ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، نئين دور جي گهرجن موجب انهن جي دائري ۽ مينڊيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جلد هڪ ڪميٽي جوڙيندي. سينيٽر عرفان صديقي علمي ۽ ادبي ادارن جي حوالي سان وزيراعظم جا واضح اعلان تي ٿورا مڃيا.