اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن  واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ اين 25 ايڪسپريس وي منصوبي تي اڳڀرائي لاءِ جائزه اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ مواصلات واري وزارت، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن  جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اين ايڇ اي اختيارين اجلاس کي ٻڌايو ته اين 25 ايڪسپريس وي جي تعمير چئن مرحلن ۾ جاري آهي. هن وقت جيوا کان سوراب تائين 51 ڪلوميٽر ڊگهي حصي تي 68 سيڪڙو تعميراتي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته منصوبي سان لاڳاپيل سموريون قانوني ۽ انتظامي ڪارروائيون فوري طور تي مڪمل ڪيون وڃن ته جيئن منصوبي جي سنگ بنياد واري تقريب 14 آگسٽ 2025ع تي منعقد ڪري سگهجي. هن مواصلات واري وزارت کي ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ايڪسپريس وي جي ٻنهي پاسي جديد سهولتن سان آراسته سروس ايرياز تعمير ڪيون وڃن جن ۾ ريسٽ ايرياز، فيول پمپس، ريسٽورنٽ، ورڪشاپس ۽ ٻيون ضروري سهولتون شامل  هجن. هن سروس ايرياز وارن هنڌن جي تعين لاءِ ٽرڪ ڪمپنين سان مشاورت جي اهميت تي به زور ڀريو ته جيئن سهولتن کي زميني حقيقتن مطابق ترتيب ڏئي سگهجي. هن اين 25 منصوبي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي حفاظت کي اولين ترجيح قرار ڏيندي خصوصي سيڪيورٽي فورس رکڻ جي هدايت به ڪئي. هن ان موقعي تي خاطري ڪرائي ته ان کان اڳ اين 85  منصوبي دوران ايف ڊبليو اجي 42 اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، جنهن سان ان نوعيت جي منصوبن ۾ سيڪيورٽي جي اهميت واضح ٿئي ٿي. وفاقي وزير اين 25 کي سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ هڪ اهم مواصلاتي رابطو قرار ڏيندي چيو ته اهو منصوبو ايران ۽ افغانستان رستي وچ ايشيائي ملڪن تائين رسائي جو هڪ امڪاني گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جون راهون کلنديون ۽ علائقي جي عوام کي ترقي جا نوان موقعا فراهم ڪندي. وفاقي وزير منصوبي کي اگسٽ 2027ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪندي لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڏني ته هو سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪن.