اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صوبي ازمير ۾ ٻيلي ۾ تباهي آڻيندڙ باهه پکڙجڻ تي ترڪ عوام سان همدرديءَ جو اظهار ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ هر طرح جي آڇ ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو آهي ته ازمير صوبي ۾ ٻيلي ۾ لڳندڙ تباهي آڻيندڙ باهه تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، آئون هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ۽ دعا ڪريون ٿا ته جاني ۽ ملڪيتن کي گهٽ کان گهٽ نقصان سان باهه تي تيزي سان ضابطو آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي بهادر ۽ جرئتمند ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو ۽ مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون.