اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبر اعجازالحق ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات دوران اعجازالحق ايندڙ مالي سال جي بجيٽ منظوري تي مبارڪباد ڏني. هن ملاقات ۾ لاڳاپيل تڪ بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي.