اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ پاڪستان پنهنجي اٺين مدي (26 – 2025ع) جي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي چونڊيل ميمبر جي طور تي جولاءِ 2025ع جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدارت سنڀالي رهيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان اها ذميواري عاجزي، يقين ۽ گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانونن ۽ ڊگهي مدي واري گهري ڳانڍاپي سان گڏ نڀائيندو. هن چيو ته اسان جي صدارت سڄي دنيا ۾ وڌندڙ تڪرارن ۽ انساني بحرانن جي دوران آئي آهي، اسان سلامتي ڪائونسل کي ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ پرامن تڪرارن جي حل تي ٻڌل جوابده ۽ موثر ڪارروائي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. نائب وزيراعظم چيو ته هو هلندڙ مهيني اعليٰ سطحي ۽ صحيحن واري پروگرامن جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ ڊگهي مدي واري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي ذريعي عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي وچ ۾ تعاون ۾ فلسطين تي ٽه ماهي کلي بحث جي صدارت شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سمورن ميمبرن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي ته جيئن جامع، متوازن ۽ عمل تي ٻڌل نتيجا حاصل ڪيا وڃن.