لنڊن – 10 جون (اي پي پي) نيٽو جي جنرل سيڪريٽري نيٽو جي دفاعي صلاحيت ۾ مناسب اضافي تي زور ڀيرو آھي جنھن ۾ فضائي ۽ ميزائل ڊفينس تي خرچن ۾ 400 سيڪڙو جو اضافو به شامل آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن گذريل ڏينھن لنڊن ۾ خطاب ڪندي چيو ته قابل اعتماد دفاعي صلاحيت کي برقرار رکڻ لاءِ نيٽو کي فضائي ۽ ميزائل ڊفينس ۾ 400 سيڪڙو اضافي جي ضرورت آھي. ھن وڌيڪ چيو ته حقيقت اھا آھي ته اسان کي مجموعي طور پنھنجي دفاعي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آھي. نيٽو جي جنرل سيڪويٽري چيو ته اسان جي فوج کي وڌيڪ ھزارين بڪتر بند گاڏين، ٽينڪن ۽ وڌيڪ لکين آرٽلري شيلز جي ضرورت آھي. ھن چيو ته نيٽو کي ھڪ وڌيڪ مضبوط، منصفاڻو ۽ خطرناڪ اتحاد بڻائڻ پوندو.