اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪراچي – 4 (ڪي فور) تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، ڪراچي جي عوام کي ٽرانسپورٽ جون بهترين سهولتون ڏيڻ جي لاءِ گرين لائين منصوبو وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، قومي اسيمبلي ميمبر امين الحق، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ جاويد حنيف شامل هئا. وزيراعظم ايم ڪيو ايم جي وفد سان مالي سال 26 – 2025ع جي وفاقي بجيٽ تي مشاورت ڪئي. وفد وفاقي بجيٽ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪيون. وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي – 4 (ڪي فور) تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو ويندو، ڪراچي جي عوام کي ٽرانسپورٽ جون بهترين سهولتون ڏيڻ جي لاءِ گرين لائين منصوبو وفاقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪراچي – حيدرآباد پئڪيج جي حوالي سان پڻ ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، وزيراعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طلحيٰ برڪي پڻ موجود هئا.