اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ انڊيپنڊنٽ اردو سان واڳيل سينيئر صحافي مونا خان جي والده جي لاڏڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس آفيس ويو ۽ مونا خان جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مونا خان جي والده جو لاڏاڻو وڏو سانحو آهي، والده جهڙي عظيم هستيءَ جو ڪو نعم البدل نه آهي. هن چيو ته والده جي دعا، شفقت ۽ محبت زندگي جو قيمتي اثاثو هوندو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.