اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه، آءِ ٽي پارڪ اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن کي سٺو سئنوڻ قرار ڏنو. آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق دوري دوران شزا فاطمه کي آءِ ٽي پارڪ جي تعميراتي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ ۽ آءِ ٽي وزارت جا عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته آءِ ٽي پارڪ هلندڙ سال جي ٽئين ٽه ماهي ۾ مڪمل ٿئي، آءِ ٽي پارڪ نوجوان لاءِ روزگار ۽ ڪاروباري موقعن جو مرڪز بڻجندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت ڊجيٽل ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن، جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.