باڪو-03 جون (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جمهوريه آذربائيجان جي اسٽيٽ آئل ڪمپني (ساڪار) جي صدر روشان نجف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ، تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ نئين شراڪتداري جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان پاران جاري پڌرائي مطابق ملاقات دوران پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن، امڪاني سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ته جيئن توانائي جي تحفظ ۽ جٽادار ترقي کي هٿي وٺرائي سگهجي. علي پرويز ملڪ ساڪار جهڙن عالمي توانائي ادارن سان گڏ مضبوط شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي حڪومتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته ساڪار جهڙن عالمي شراڪتدارن جي تعاون سان پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ ترقي جون نيون راهون کلنديون. ساڪار جي صدر روشان نجف پاڪستان جي توانائي واري شعبي ۾ اڳڀرائي کي ساراهيندي پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.