باڪو-03 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته اسان مقامي ايڪسپلوريشن کي هٿي وٺرائي گيس جي انفراسٽرڪچر کي وسعت ڏئي رهيا آهيون. معاشي چئلينجز باوجود پاڪستان گيس جي شعبي جي مسئلن کي ختم ڪرڻ ۽ سڌارا لاڳو ڪري ان کي پائيدار بنائڻ جو عزم رکي ٿو. حڪومت پائيدار توانائي جو شعبو تعمير ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن باڪو انرجي فورم جي ٽين سالگره جي موقعي تي ”مستحڪم ۽ پائيدار توانائي جي مستقبل لاءِ عالمي تعاون“ جي عنوان سان منعقد منسٽريل پلينري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جي پائيدار، متوازن ۽ مضبوط توانائيءَ جي ويزن کي عالمي برادريءَ آڏو اجاگر ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان طرفان متوازن، جامع ۽ پائيدار توانائيءَ جي ماڊل طرف حڪمت عمليءَ کي اجاگر ڪيو. هن ٻُڌايو ته پاڪستان کي اهو معلوم آهي ته صنعتي ترقي طرف منتقليءَ دوران توانائيءَ جي گهرج وڌندي، جنهن لاءِ تجديد جوڳي توانائي ۽ ٽيڪنالاجيز کي اسان جي توانائي جي منصوبا بندي ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته هڪ ٻيو اهم پهلو پاليسيءَ ۾ هم آهنگي آهي، ان مقصد لاءِ وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ توانائيءَ بابت ڪابينه ڪميٽيءَ کي ٻيهر فعال ڪيو پيو وڃي ته جيئن پيٽروليم ۽ بجلي جي شعبن وچ ۾ بهتر هم آهنگيءَ کي يقيني بنائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته اسان مقامي ايڪسپلوريشن کي هٿي ڏئي گيس جي انفراسٽرڪچر کي وسعت ڏئي رهيا آهيون، اسان آذربائيجان جي حڪومت ۽ ٻين دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جيڪي اسان کي گيس جي وسيلن جي مقامي استعمال ۾ مدد فراهم ڪري رهيا آهن. توانائي بچت جي حوالي سان به قدم کنيا پيا وڃن، اسان هڪ پائيدار توانائيءَ جو شعبو تعمير ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سڌارا وزيراعظم جي ويزن جو بنياد آهن. ان موقعي تي علي پرويز ملڪ آذربائيجان جي توانائيءَ واري وزير پرويز شهبازوف کي فورم جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني ۽ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن ان فورم سان هر ممڪن تعاون جو عهد ڪيو ته جيئن فوسل فيول تي ٻَڌل تجديد جوڳي ٻارڻ جي استعمال طرف منتقلي ممڪن بنائي سگهجي. اجلاس ۾ آذربائيجان جي توانائي وارو وزير، ترڪيه جي توانائيءَ وارو نائب وزير ۽ يورپي ڪميشن جي توانائيءَ بابت ڊائريڪٽر ڪرسٽينا سميت ٻين شرڪت ڪئي.