اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان اينگرو پوليمر اينڊ ڪيميڪل لميٽيڊ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ريگيوليٽري ڊيوٽيز، ٽيرف پاليسيز، مقامي صنعت جي تحفظ ۽ ان عوامي شعبي تي اثرن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان مطابق وفد بجليءَ جي وڌيڪ قيمتن، مهانگي خام مال، پي وي سي جي وڌندڙ آمدني واپار ۽ ٽيرف جننگ جهڙن ڪيترن ئي چئلينجز کي اجاگر ڪيو. وفد انهن مسئلن جي حل ۽ ملڪي صنعتڪارن جي مدد لاءِ پي وي سي جي آمدني واپار تي 5 کان 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هارون اختر مقامي صنعتن کي درپيش ڏُکيائين جو اعتراف ڪندي چيو ته ان کي اها ڄاڻ آهي ته هي شعبو پهريان ئي ڪافي دٻاءُ ۾ آهي. هن وفد کي يقين ڏياريو ته حڪومت صنعتي ميدان ۾ ڪنهن به قسم جي زوال کي روڪڻ لاءِ پُرعزم آهي. وزيراعظم جي ويزن کي اجاگر ڪندي هن پاڪستان جي صنعتن جي پيداوار ۾ اضافي جي اهميت تي زور ڀريو، جڏهن ته صنعت جي تحفظ لاءِ درخواست جا سبب واضح ڪرڻ لاءِ جامع ۽ تفصيلي رپورٽ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن هدايت ڪئي ته اينگرو پوليمر انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ جي سهڪار سان ڪاسٽ ڊسائيڊ وانٽيج جو تجزيو تيار ڪري جنهن ۾ صنعت کي درپيش نقصانن جو به جائزو شامل هئڻ گهرجي ته جيئن انهن چئلينجز جي واضح تصوير سامهون اچي سگهي جن تي ضابطو آڻڻ ضروري آهي. اي