اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ريلوي جي شعبي ۾ سهڪاري عمل جي تجويزن تي ريلوي واري وزارت ۾ جائزه اجلاس منعقد ٿيو. ريلوي واري مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) جي سربراهه بلال اظهر ڪياني جي سربراهيءَ ۾ منعقد اجلاس ۾ ايف آءِ ايف سي جو ڊي جي ميجر جنرل اسد چيما شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ مواصلات ۽ ريلوي واري وزارت کان علاوه ايس آءِ ايف سي ۽ اين ايل سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ريل جي شعبي ۾ سهڪار جي تجويزن ۽ اڳتي وڌڻ جي حڪمت عمليءَ تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. اجلاس ۾ ريلوي بورڊ ۽ لاجسٽڪس جي حوالي سان به تجويزن تي غور ڪيو ويو. بلال اظهر ڪياني 15 مئي تي باڪو ۾ آذربائيجان جي زراعت واري نائب وزير سروان جعفرف ۽ چيئرمين ريلويز روشن رستموف سان ملاقات ڪئي هئي. چيئرمين ريلويز، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪيانيءَ کي ريل جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جو يقين ڏياريو هو.