پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي صحيحُون

تهران-03 جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم جي تهران ۾ اجلاس جي آخري ڏينهن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي صحيحُون ٿيُون، جنهن ۾ ايران جي روڊ ۽ اربن ڊولپمينٽ واري وزير فرزانه صادق ۽ پاڪستاني وفد جي سربراهه وفاقي وزير عبدالعليم خان خاص طور تي شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پهريان کان موجود لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط …

تهران-03 جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم جي تهران ۾ اجلاس جي آخري ڏينهن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مواصلات جي شعبي ۾ گڏيل مفاهمت جي يادداشت تي صحيحُون ٿيُون، جنهن ۾ ايران جي روڊ ۽ اربن ڊولپمينٽ واري وزير فرزانه صادق ۽ پاڪستاني وفد جي سربراهه وفاقي وزير عبدالعليم خان خاص طور تي شرڪت ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پهريان کان موجود لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گذريل ڏينهن مواصلات واري وزارت مان جاري بيان مطابق عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۽ ايران پُراڻن، مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتن ۾ ٻَڌل آهن. اسان جي ثقافت بلوچستان کان شروع ٿئي ٿي ۽ ايران سان روزمره جي زندگيءَ کان وٺي ٻين معاملن ۾ هڪجهڙائپ ملي ٿي. هن تهران ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي منعقد ٿيڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته ان سان خطي تي هاڪاري اثر پوندا. ان موقعي تي ايراني وزير پاڪستان ۾ خاص ڪري مواصلات جي شعبي لاءِ هر ممڪن سهڪار ۽ ٻه طرفن منصوبن تي اڳڀرائيءَ تي راضپو ظاهر ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري به موجود هو. ٻئي پاسي قازقستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير مارات ڪارابائيف، ترڪمانستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير مميت خان چاڪيو ۽ ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم محڪموف به وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي ۽ ان سان پنهنجي پنهنجي ملڪن جي حوالي سان گڏيل سهڪار ۽ مختلف کاتيوار معاملن تي به ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان لاءِ وچ ايشيائي رياستون، يورپ ۽ روس سان واپار لاءِ ”گيٽ وي“ آهن، اسان ريل ۽ روڊ سان ٻين ملڪن لاءِ واپار ۾ اضافو ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن لاءِ مختلف منصوبن تي پهريان کان ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اي سي او اجلاس ۾ شريڪ ملڪ وڌيڪ ويجهو ايندا، ان موقعي تي قازقستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن ڳالهائيندي پنهنجي پنهنجي ملڪن طرفان هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ پاڪستان لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ٻن ڏينهن واري اي سي او اجلاس ۾ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪيو. هن ميزبان ملڪ ايران جي وزير طرفان ڏنل سانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته اي سي او جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد طرفان به آجياڻو ڏنو ويو. وفاقي وزير مختلف ملڪن جي وزيرن ۽ سينيئر عملدارن سان به ملاقاتون ڪيون ۽ اجلاس به ٿيا. جن ۾ خاص ڪري پاڪستان سان مواصلات جي شعبي جي حوالي سان ايم او يو تي صحيحن سميت اهم فيصلا ڪيا ويا.

مزید خبریں