نيويارڪ -03 جون (اي پي پي) پاڪستان جي سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري پارلياماني وفد سان گڏ، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ڪيرولين روڊ ريگز برڪيٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ جمهوريه گيانا جي مستقل نمائندي آڏو پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پي پي پي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته پاڻي هڪ قدرتي وسيلو آهي جنهن کي هٿيار بڻائي ڀارت عالمي معاهدن کي پائمال ڪيو آهي، دهشتگردي جي هڪ واقعي کي جواز بڻائي ڀارت غيرقانوني قدم کنيا ۽ پوري خطي جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڀارت سان جامع ڳالهين جو حل پيش ڪيو. هن چيو ته ڪشمير مسئلي جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي ضرورت آهي. گڏيل قومون ڪشمير مسئلي سميت دنيا جا ٻيا تڪرار سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سلامتي ڪائونسل جي صدر ڪيرولين روڊ ريگز برڪيٽ امن ۽ سلامتي جي قيام لاءِ سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ تحت ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.