باڪو-03 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي واري شعبي ۾ برادر ملڪ جي حمايت تعريف جوڳي آهي، آذربائيجان سان توانائي سهڪار کي مستحڪم بڻائي رهيا آهيون. پيٽروليم واري ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي توانائي واري وزير پرويز شهبازوف سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ علي پرويز ملڪ، باڪو انرجي فورم ڪامياب منعقد ڪرڻ تي آذربائيجان جي وزير کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته باڪو انرجي فورم توانائي جي شعبي ۾ عالمي سهڪار لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي، آذربائيجان سان توانائي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي رهيا آهيون.