اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي سگهه وڌائڻ، زراعت جي لاءِ گهربل پاڻي جي فراهمي ۽ ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ نئين ڊيمن جي تعمير لازمي آهي، توانائي جي پيداوار ۽ پاڻي جي وڏي ذخيري جو موثر نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ ديامر ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ديامر ڀاشا ڊيم ۽ ٻين پاڻي وسيلن جي معاملن تي اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير معين وٽو، وزيراعظم جي سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌائڻ، زراعت جي لاءِ گهربل پاڻي جي فراهمي، ٻوڏ جي روڪٿام جي لاءِ نئين ڊيمز جي تعمير لازمي آهي، اسانجي معاشي پاڻ ڀرائپ جو دارومدار سستي بجلي ۽ زراعت تي آهي جنهن جي لاءِ پاڻي جو ذخيرو وڌائڻ ۽ پاڻي جي موثر استعمال جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ توانائي جي پيداوار ۽ پاڻي جي وڏي ذخيري جو موثر نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ ديامر ڀاشا ڊيم جهڙن منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ ديامر ڀاشا ڊيم جي تعمير ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي حل ڪرڻ سان گڏوگڏ منصوبي جي جلد کان جلد تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي.