صدر پاران بلوچستان ۾ 2 مختلف ڪاررواين ۾ فتنه الهندستان جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ 2 مختلف ڪاررواين ۾ فتنه الهندستان جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين دوران ڀارتي پراڪسي جي 9 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ …

اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ 2 مختلف ڪاررواين ۾ فتنه الهندستان جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انٽيليجنس تي ٻڌل ڪاررواين دوران ڀارتي پراڪسي جي 9 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي پراڪسي جي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڦهلائي رهيو آهي. دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. صدر چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندستان جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي، دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو. هن دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.

مزید خبریں