اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 6 کان 9 جون جمعي کان سومر تائين چار ڏينهن جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو ڪيبنيٽ ڊويزن باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب سڄي ملڪ ۾ 6 کان 9 جون تائين عيدالاضحيٰ جون موڪلون هونديون. نوٽيفڪيشن هفتي ۾ 5 ڏينهن ۽ هفتي ۾ 6 ڏينهن ڪم ڪندڙ سمورن ادارن تي لاڳو هوندو.