تاشقند-02 جون (اي پي پي) پاڪستان ازبڪستان ۾ منعقد چوٿين انٽرنيشنل ليگ فورم ”تاشقد لاسپرنگ“ ۾ شرڪت ڪئي. ترجمان مطابق عالمي اجتماع ۾ 1500 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙ هئا، جنهن ۾ انصاف وارن وزيرن، سينيئر ججن، قانوني ماهرن ۽ سڄي دنيا مان عالمي ماهر شامل هئا. پاڪستاني وفد جي قيادت قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ڪئي. وفد ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت جو ڪنسلٽنٽ بئريسٽر سيد شهروز بختيار به شامل هو. ان سال جي فورم جو مرڪزي عنوان ”ڊجيٽل ايج، مستقبل ۾ هڪ قانوني نظر“ هو. ان فورم قانون ۽ ٽيڪنالاجي جي ميلاپ تي جديد مسئلن تي غور ڪيو جنهن ۾ ٽياڪڙي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال کان وٺي بلاڪ چين، ڊجيٽل گورننس ۽ قانوني ٽيڪ ٽرانسفارميشن تائين شامل هئا. وفاقي وزير سيشن کي خطاب ڪندي ڊجيٽل شعبي ۾ پاڪستان جي قانوني سڌارن تي روشني وڌي ۽ حقن تي ٻَڌل جدت ۽ عالمي قانوني سهڪار جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير قطر، گڏيل عرب امارتن، آذربائيجان، ازبڪستان ۽ ترڪيه جي پنهنجي هم منصبن سان اعليٰ سطحي ٻه طرفيون ملاقاتون ڪيون جن ۾ عدالتي جديد ڪاري، ڊجيٽل قانوني خدمتن ۽ علائقائي تعاون تي ڳالهيون ٿيون. وفاقي وزير ۽ ازبڪستان جي انصاف واري وزير وچ ۾ مستقبل ۾ سهڪار کي وڌيڪ ٺوس ۽ ٻنهي وزارتن وچ ۾ گڏيل ورڪنگ پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيح به ڪئي. تاشقند لاسپرنگ تيزيءَ سان اعليٰ عالمي پليٽ فارم طور اُڀريو آهي جيڪو ڊجيٽل دؤر ۾ قانون تي عالمي بحث ۽ ڳالهه ٻولهه جو بندوبست ڪندو آهي ۽ پاڪستان جي موجودگي ان بحث ۾ هڪ وڌندڙ ڪردار کي واضح ڪيو.