اسلام آباد-02 جون (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي پاڪستان ريلوي جي 77 سالن جي تاريخ ۾ رڪارڊ ڪاميابين جو اعلان ڪندي ٻُڌايو آهي ته مالي سال جي 11 مهينن دوران ريلوي 83 ارب رپيا آمدني حاصل ڪئي آهي، جيڪو ان اداري جو هاڻي تائين جو سڀ کان وڏو رڪارڊ آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 5 خاص ريل گاڏيون هلائڻ کان علاوه 3 ڏينهن لاءِ مسافرن کي ڪراين ۾ 20 سيڪڙو خاص رعايت ڏني ويندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ميڊيا سان ڪيل معاهدن کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويندو ۽ شفافيت کي هر صورت يقيني بنايو ويندو. رائل پام ايڪسپريس جي انٽرنيشن ٽريڊرنگ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ آئوٽ سورسنگ تحت ڪيترائي اهم منصوبا جاري آهن جن ۾ اسپتال ۽ 14 اسڪولن جي آئوٽ سورسنگ شامل آهي ته جيئن ملازمن کي سستي ۽ معياري طبي سهولتون ۽ تعليم ڏئي سگهجي. ملازمن جي ٻارن کي نجي تعليمي ادارن جهڙي معياري تعليم ڏني ويندي ۽ فيس ريلوي جي شرطن مطابق ٿيندي. هن چيو ته چئني صوبن جون فوڊ اٿارٽيز به ريلوي ۾ فوڊ ڪوائلٽي کي بهتر بنائڻ تي ڪم ڪري رهيون آهن. فرنٽ ڊيسڪ ۽ ٽرين هوسٽس سروسز کي به جلد متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن مسافرن کي بهترين خدمتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته پنجاب ماڊل تحت اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن سختيءَ سان لاڳو ڪيو پيو وڃي ۽ اربين رپين جي قيمتي زمين خالي ڪرائي ويندي. پنجاب حڪومت سان مضبوط لاڳاپا قائم ٿي چڪا آهن ۽ 16ع کان رُڪيل ڪيترائي منصوبا ٻيهر فعال ڪيا پيا وڃن. گرين پاڪستان پروگرام تحت ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي پاسي وڻ لڳايا ويندا جڏهن ته پنجاب لاءِ 45 ارب رپين جي ريلوي منصوبي تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته ريلوي جي رفتار وڌائي 160 ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪرڻ جي منصوبا بندي ٿي رهي آهي جنهن سان لاهور کان راولپنڊيءَ جو سفر 2 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيندو. ان کان علاوه 1413 نيون ويگنز به تيار ڪيون پيون وڃن جن مان 500 کي فريٽ سروس لاءِ شامل ڪيو ويندو. 15 جون کان لاهور کان نارووال لاءِ نئين ريل سروس شروع ٿيندي ۽ هلندڙ مهيني روس لاءِ لاهور کان ملتان، سنڌ ۽ سرحد تائين فريٽ ٽرين روانو ڪئي ويندي. قازقستان سان به ريلوي جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. ريڪوڊڪ ۽ ٿر ڪول جي ترسيل لاءِ ريلوي کي اپ گريڊ ڪرڻ اڻٽر آهي. ٽن غير فعال فريٽ ۽ آڊٽ ڪمپنين کي بند ڪيو ويو آهي ته جيئن نظام کي وڌيڪ اثرائتو بنائي سگهجي. هن چيو ته انهن قدمن جو مقصد منافعو ڪمائڻ نه پر پاڪستان ريلوي کي جديد شفاف ۽ عوام دوست ادارو بنائڻ آهي. هن ريلوي ملازمن جي سهڪار کي به ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته ريلوي ملازمن کي مفت علاج جون سهولتون ڏنيون وينديون.