اسلام آباد-02 جون (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بندرگاهي زمين قومي معيشت جو قيمتي اثاثو آهي. پورٽ قاسم ۽ ڪراچي پورٽ گڏيل اينٽي انڪروچمينٽ فورس بنائيندا. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري جي صدارت ۾ بندرگاهي ايراضي سڌارن تي اهم اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بندرگاهي زمين قومي معيشت جو قيمتي اثاثو آهي. بندرگاهن زمين تي قبضو ختم ڪرائڻ اولين ترجيح آهي. زمين جو غلط استعمال ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. پورٽ قاسم اٿارٽي جو نئون ماسٽر پلان ۽ ڊجيٽل زمين مئنجمينٽ سسٽم جلد متعارف ڪرائينداسين. هن چيو ته سامونڊي شعبو پاڪستان جي معيشت جو ٿنڀ آهي. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سروي آف پاڪستان سان زمين جي حدبندي شروع ڪري ڇڏي آهي، بندرگاهي سڌارن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندس.