اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي پروگرام جي 46هين اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن، منصوبابندي ۽ ترقي، بجلي ۽ پارلياماني معاملن وارن وفاقي وزيرن کانسواءِ وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه سميت وفاقي سيڪريٽريز، قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ صوبائي حڪومتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽنگ ايجنسين سان بچتن ۽ دستياب فنڊز جي استعمال جو جائزو وٺڻ ۽ جاري اسڪيمن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عملدرآمد کي هموار ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم مقرر وقت جي اندر نتيجن جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي موجوده مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مختص وسيلن کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن سمورين ڌرين کي وقت سر ترقياتي هدفن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نائب وزيراعظم ترقي جي ڪوششن کي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ذڪر ڪيو ته جيئن جامع ۽ بامعنيٰ اڳڀرائي ٿئي جيڪا قوم جي ترقي جي ترجيحن جي عڪاسي ڪندڙ هُجي.