اسلام آباد -02 جون (اي پي پي) نيب قانون تحت پلي بارگيننگ جي ڊفالٽ ٿيل رقم جي وصولي لاءِ بحريه ٽائون جي خريد ۽ وڪرو ڪيل ملڪيتن جي نيلامي 12 جون تي ٿيندي. گذريل ڏينهن نيب ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب قومي احتساب آرڊيننس 1999 سيڪشن 33 (اي) تحت بحريه ٽائون جي ملڪيتن جي نيلامي 12 جون خميس ڏينهن صبح جو 11 وڳي نيب ريجنل آفيس ويجهو لال مسجد اسلام آباد ۾ ٿيندي. نيلام ٿيندڙ ملڪيتن ۾ بحريه ٽائون ڪارپوريٽ آفيس پلاٽ نمبر 7 (اي) پارڪ روڊ بحريه ٽائون فيز ٽو راولپنڊي، بحريه ٽائون ڪارپوريٽ آفيس ٽو پلاٽ نمبر 7 (ڊي) پارڪ روڊ بحريه ٽائون فيز ٽو راولپنڊي، روبيش مارڪي ۽ لان بحريه گارڊن سٽي ويجهو بحريه گارڊن سٽي گالف ڪورس بحريه ٽائونا سلام آباد، ارينه سينيما پلاٽ نمبر 984 بورڊ اي بحريه ٽائون فيز فور راولپنڊي، سفاري ڪلب پلاٽ نمبر 27 سفاري ولاز ون بحريه ٽائون راولپنڊي شامل آهن. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي، ته خريداري ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ نيلامي کان ٻه ڏينهن اڳ ريجنل نيب آفيس ويجهو لال مسجد اسلام آباد ۾ بريفنگ جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو.